سيوهڻ ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل ٽن زائرين جون ڦلهڏيون ۾ آخري رسمون ادا ڪيون ويون

sehwan

سيوهڻ ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل ٽن زائرين جون ڦلهڏيون ۾ آخري رسمون ادا ڪيون ويون.

گذريل ڏينهن قلندر لال شهباز جي مزار جي احاطي ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل ٻن ڀائرن سميت ٽن ڄڻن جا مڙهه ڦلهڏيون پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

ڌماڪي ۾ اجل جو شڪار ٿيل ٻن ڀائرن جئي رامداس، ديپڪ ميگهواڙ ۽ راجيش ڪمار جي آخري رسمن ۾ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.

ٽنهي نوجوانن جي آخري رسمن دوران ماحول انتهائي سوڳوار ٿي ويو، جڏهن ته شهر اندر ڪاروباري مرڪز به بند ٿي ويا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*