سيوهڻ ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل 80 ڄڻن مان اڪثر جي سڃاڻپ ٿيڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا

sehwan 1

سيوهڻ ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل 80 ڄڻن مان اڪثر جي سڃاڻپ ٿيڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا، 11 ڄڻن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري سيوهڻ تعلقي اسپتال ۾ رکيا ويا آهن، ڌماڪي جي شهيدن جي اباڻن علائقن ۾ جنازي نماز کانپوءِ تدفين جو سلسلو به جاري آهي، جڏهن ته 3 سئو کان وڌيڪ زخمين جو حيدرآباد، ڄامشوري، لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه جي اسپتالن ۾  علاج هلندڙ آهي.

سنڌ جي صحت کاتي گذريل ڏينهن قلندر لعل شهباز جي مزار اندر ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 80 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق بعد اڪثر مڙهه سڃاڻپ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

ڌماڪي جي 11 شهيدن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري مڙهه سيوهڻ اسپتال ۾ رکيا ويا آهن، جن مان پنج مڙهه سڃاڻپ جوڳا نه هئڻ ڪري ڊي اين اي لاءِ جزا ورتا ويا.

ٿاڻي بولا خان واسي هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڀاتين سميت 12 شهيدن جا مڙهه اباڻن علائقن ۾ پهچڻ بعد تدفين ڪئي وئي.

شهيدن ۾ 8 عورتن زينب، ظهوران، ساران، راڄٻائي، عدني، ميرزادي، سمرين ۽ صالحه سميت عطاءُ الله ۽ شبير شامل آهن، جڏهن ته 3 ڄڻا قدير، اول دين ۽ لال بيبي زخمي ٿي پيا.

ٿاڻي بولا خان جي ڳوٺ نواب پالاري ۾ 7، حامد پالاري ۾ ٽن ۽ ڳوٺ شفيع پالاري ۾ ٻن شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ علائقي واسين شرڪت ڪئي.

قلندر لال شهباز جي مزار تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهدادڪوٽ واسي هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڀاتي به شامل آهن، جن مان چئن ڄڻن 45 ورهين جي بخشل، 7 ورهين جي مجاهد، 8 ورهين جي سميرا، 8 ورهين جي اويس جا مڙهه شهدادڪوٽ پهچائڻ بعد علڻ شاهه محلي ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل شهدادڪوٽ واسي ٻن ڀائرن ٽن ورهين جي دلاور ۽ چئن ورهين جي ضمير جا مڙهه لاڙڪاڻي جي الهه آباد پاڙي پهچايا ويا، جتي جنازي نماز بعد سندن تدفين ڪئي وئي، جڏهن ته وڌيڪ ٻن ڄڻن زاهد ۽ سندس ڀاءُ ڪاشف جا مڙهه به شهدادڪوٽ پهچايا ويا آهن.

ڌماڪي کانپوءِ مسمات زويا سميت شهدادڪوٽ واسي پنج ڄڻا شاهزيب، زاهد، ڪاشف ۽ سمير اڃا تائين لاپتا آهن، جڏهن ته لال بيبي، فردوس، ڪوڙي، آسيه ۽ حبدار جو علاج هلندڙ آهي.

ميرو خان واسي مظهر گوپانگ ۽ نواز تنيو سميت ٽن ڄڻن جا مڙهه اباڻي ڳوٺ پهچايا ويا، جتي سندن جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي.

خانپور واسي غلام اڪبر آگاڻي توڙي ٽنڊو الهيار واسي حبيب ۽ سليم پٽيل جا مڙهه به اباڻن شهرن ۾ پهچائڻ بعد جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

سيوهڻ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل لاڙڪاڻي واسي هڪ سال جي ٻارڙَي نجيب شيخ، سهيل شيخ ۽ ضمير پٽ عاشق کوکر جي جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.

نئين ديري جي ٻن شهيدن پيرل خاصخيلي جي جنازي نماز شهر جي غريب آباد محلي ۽ بشير کهڙو جي جنازي نماز عيدگاهه ۾ ادا ڪئي وئي، جن ۾ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.

سيوهڻ ڌماڪي جي زخمين مان 9 ڄڻن جو ٽراما سينٽر، پي اين ايس شفا ۾  7 زخمين جو جناح اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي، جڏهن ته 6 زخمين کي عباسي شهيد اسپتال مان طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد فارغ ڪيو ويو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت زخمي ٿيل 3 سئو کان وڌيڪ ماڻهن جو ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ڄامشوري ۽ نوابشاهه جي اسپتالن ۾ علاج جاري آهي، جن مان اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*