سيوهڻ ڌماڪي کانپوءِ درگاهن ۽ مزارن جي سڪيورٽي سخت ڪرڻ ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

pm ijlas

سيوهڻ ڌماڪي کانپوءِ درگاهن ۽ مزارن جي سڪيورٽي سخت ڪرڻ ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم چيو آهي ته دهشتگرد معصوم جانين سان کيڏي رهيا آهن، سڄي قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ متحد آهي.

وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نوابشاهه پهچي سيوهڻ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ سندن خيريت معلوم ڪئي.

ان کان اڳ وزيراعظم نوابشاهه ايئرپورٽ پهچڻ شرط امن امان جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سميت ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز جي مزار تي دهشتگردي جي بدترين واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ دهشتگردن توڙي سندن سهولتڪارن خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس دوران اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ اندر درگاهن ۽ مزارن جي سڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي ويندي.

ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشتگرد معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو رهيا آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڄي قوم متحد آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*