مديجي ڀرسان ڏاهاڻي سڌايا تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو صدمي ۾ سندس پيرسن پڦي نه فوت

مديجي ڀرسان ڏاهاڻي-سڌايا تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو، صدمي ۾ سندس پيرسن پڦي به فوت ٿي وئي آهي.

نئين ديرو ڀرسان ڳوٺ عرض مهمد ڏاهاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان حبيب الله ڏاهاڻي مارجي ويو، اهڙي خبر ٻڌڻ کانپوءِ نوجوان جي پيرسن پڦي سڀائي خاتون فوت ٿي وئي.

پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائين بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس موجب، واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*