حڪومت عدالتي ڪميشن جي قيام ۾ سنجيده آهي عمران خان چاهي ته اڌ ڪلاڪ اندر ڪميشن قائم ٿي سگهي ٿي اسحاق ڊار

حڪومت، ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن آرڊيننس ذريعي  قائم ڪرڻ بابت تحريڪ انصاف جو مطالبو تسليم ڪري ورتو آهي، اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته عدالتي ڪميشن جلد کان جلد قائم ٿئي، عمران خان چاهي ته اڌ ڪلاڪ اندر ڪميشن قائم  قائم ٿي سگهي ٿي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته  20 جنوري تي تحريڪ انصاف جي ڳالهين واري ٽيم سان ڳجهي ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ اڪثر ڳالهين تي اتفاق ٿيو هو.

هن چيو ته عمران خان پريس ڪانفرنس ۾ جيڪي الزام لڳايا، سوڳ سبب انهن جو جواب نه ڏنو ويو.

اسحاق ڊار چيو ته حڪومت عدالتي ڪميشن جي قيام ۾ سنيجده آهي، هو آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي انڪوائري ڪميشن لاءِ تيار آهن، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي به خط لکيو ويو آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پشاور سانحي کانپوءِ آل پارٽيز ڪانفرنس جي اجلاس ۾حڪومتي ڊرافٽ جي اڪثر پارٽين 80 سيڪڙو حمايت ڪئي هئي، پي ٽي آءِ کي ڪجهه نقطن تي اعتراض هو، انهن کي ختم ڪري کين اي ميل ۽ خط لکيو ويو آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان سنجيدگي اختيار ڪري ته معاملو اڌ ڪلاڪ ۾ حل ٿي سگهي ٿو، جوڊيشل ڪميشن کي رڳو اهو طئي ڪرڻو آهي ته چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي ٿي آهي يا نه.

اسحاق ڊار چيو ته عمران خان جي پارٽي خيبرپختونخواهه مان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي،  صرف اتان جي چونڊن کي شفاف قرار ڏنو پيو وڃي، رڳو ڪي پي ڪي اسيمبلي مان سينيٽ چونڊن مان حصو وٺڻ جو اعلان سمجهه کان ٻاهر آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته اسيٽيٽ بينڪ وياج شرح ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙو فيصلو معيشت لاءِ بهتر ثابت ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*