وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته سيوهڻ ڌماڪي جي جاچ ۾ خاطري جوڳي اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي

chodhary nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته سيوهڻ ڌماڪي جي جاچ ۾ خاطري جوڳي اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، هڪ سياسي جماعت جا ڪجهه اڳواڻ شرمناڪ انداز ۾ پنهنجي نااهلي لڪائي وفاق مٿان الزام هڻي رهيا آهن، اهڙن ماڻهن کي شرمندگي نٿي ٿئي ته خدا جو خوف ڪن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته قلندر لال شهباز جي مزار تي ٿيل ڌماڪي جي جاچ هلي رهي آهي، اڃا تائين ڪا خاطري جوڳي اڳڀرائي سامهون نه آئي آهي.

هن چيو ته خضر، اٽڪ ۽ ٻين شهرن ۾ ڪارروايون ڪري لاهور ڌماڪي ۾ ملوث وڌيڪ سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو، معصوم شهرين کي نشانو بڻائيندڙن کي نه ڇڏيو ويندو.

 چوڌري نثار چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائيندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ظالم دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

پيپلز پارٽي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي وفاقي گهرو وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ سياسي جماعت جا اڳواڻ پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ شرمناڪ انداز ۾ الزام هڻي رهيا آهن، کين شرمندگي نٿي ٿئي ته خدا جو خوف ڪن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*