قومي اسيميبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پنجاب ۾ دهشتگردن جون نرسريون آهن ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن نه ٿيڻ سبب واقعا پيش اچي رهيا آهن

khursheed shah jacobabad

قومي اسيميبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پنجاب ۾ دهشتگردن جون نرسريون آهن ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن نه ٿيڻ سبب واقعا پيش اچي رهيا آهن.

جيڪب آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف پنهنجي حڪومت دوران ڪجهه به ڊليور نه ڪري سگهيو آهي ۽ ملڪ ۾ بجلي جي بحران سميت امن امان جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.

مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته سيوهڻ ڌماڪي بعد وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي فوري طور واقعي واري هنڌ پهچڻ گهرجي ها.

هن چيو ته پنجاب ۾ پابندي مڙهيل تنظيمون موجود آهن ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن نه ٿيڻ سبب دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*