پ پ ۽ نواز ليگ فوجي عدالتن جي حمايت ڪري جمهوريت کي ڪاري ضرب هنئي آهي جلال محمود شاهه

 سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه فوجي عدالتن کي رد ڪندي چيو آهي ته پ پ ۽ نواز ليگ فوجي عدالتن جي حمايت ڪري جمهوريت کي ڪاري ضَرب هنئي آهي.

ڪراچي حيدر منزل تي سيد غلام شاهه ۽ پير خليل جان سرهندي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد جلال محمود شاهه چيو ته فوجي عدالتن جو قيام ملڪ ۾ متوازي عدالتي نظام قائم ڪرڻ آهي، جنهن کي هو قبول نه ٿا ڪن.

هن چيو ته ملڪ ۾ مذهبي انتها پسندي ۽ دهشتگردي سبب 50 هزار کان وڌيڪ بي گناهه ماڻهو قتل ڪيا ويا آهن، جنهن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ مذهبي معاملن کي رياستي معاملن سان ڳنڊڻ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*