نصير آباد ويجهو ڄاڃين جي بس سان بجلي جي تار ٽڪرائجڻ سبب 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي مختلف اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي

naserabad

نصير آباد ويجهو ڄاڃين جي بس سان بجلي جي تار ٽڪرائجڻ سبب 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي مختلف  اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

بازاري ڪانڌڙا کان وارهه ويندڙ بس سان ميرواهه وٽ حادثو پيش آيو، بس جي مٿان ويٺل ڄاڃي بجلي جي تار سان ٽڪرائجڻ سبب ٻارڙن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين کي زوهيب، فرمان، گل محمد، ساگر، حسنين، اربيلو، بشيران، شهزادو، ساحل ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي نصير آباد ۽ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان ڪجهه زخمين حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته بجلي جون تارون هيٺ هئڻ بابت سيپڪو وارن کي بار بار شڪايتون ڪيون ويون پر انهن جي ڪن جون به نه سري، جنهن سبب اڄ حادثو پيش آيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*