سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز جي مزار تي ڌماڪي جو ڪيس ٻن ڏينهن کانپوءِ مبينا بمبار سميت 5 اڻڄاتل دهشتگردن مٿان داخل ڪيو ويو

sehwan 2

سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز جي مزار تي ڌماڪي جو ڪيس ٻن ڏينهن کانپوءِ مبينا بمبار سميت 5 اڻڄاتل دهشتگردن مٿان داخل ڪيو ويو، جڏهن ته جاچ ۾ اڃا تائين ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.

انتظاميا پاران انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي قلندر لال جي مزار تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿي ويل ماڻهن جي عضون جي بي حرمتي ڪئي وئي.

انتظاميا انساني عضوا دفنائڻ بدران گٽر نالي جي ڀرسان ۽ گند جي ڍير تي اڇلائي ڇڏيا، جنهن ڪري رولو ڪتا ۽ ٻيا جانور انساني عضون جي بي حرمت ڪندا رهيا.

قلندر لال شهباز جي مزار تي ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل 88 ماڻهن ۽ اڍائي سئو کان وڌيڪ زخمين جو ڪيس ٻن ڏينهن بعد سيوهڻ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.

دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيل ڪيس ۾ مبينا بمبار سميت 5 دهشتگردن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف ڌماڪي جي جاچ ۾ ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران جاچ جو سلسلو هلندڙ آهي.

سڪيورٽي ادارن پاران ٻن ڏينهن تائين شاهديون گڏ ڪيون ويون، جنهن بعد ڌماڪي واري هنڌ کي صاف ڪيو ويو آهي ۽ روايتي ڌمال به هنئي وئي.

درگاهه جي گولڊن گيٽ وٽ هر وقت زائرين جون رونقون لڳل هونديون هيون، اتي مڪمل خاموشي آهي، جڏهن ته شهرين ۾ به اڃا تائين خوف پکڙيل آهي.

ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل اڪثر ماڻهن جا مڙهه سڃاڻپ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جن جي پنهنجي اباڻن علائقن ۾ تدفين به ڪئي وئي.

سيوهڻ اسپتال ۾ اڃا به  11مڙهه پيل آهن جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، ڊي اين اي لاءِ گذريل ڏينهن جزا به ورتا ويا.

ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل شهدادڪوٽ جي علڻ شاهه محلي واسي وڌيڪ ٽن ڄڻن جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا،جيڪي گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

قلندر لال شهباز جي مزار جي احاطي ۾ شهيد ٿي ويل ماڻهن جو انگ 88 ٿي ويو آهي، جڏهن ته، اڍائي سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن جو ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشوري،لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه جي اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*