قلندر شهباز جي درگاهه تي ٿيل بم ڌماڪي خلاف سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنطيمن پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون

realy sehwan

قلندر شهباز  جي درگاهه تي ٿيل بم ڌماڪي خلاف سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنطيمن  پاران  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون.

ڪراچيءَ ۾ سول سوسائٽي پاران قرت العين، شيرين، ظفرشاهه ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾  پريس ڪلب آڏو  سيوهڻ سانحي پسنديءَ خلاف  انتها پسندي خلاف انساني  زنجير ٺاهي وئي.

ميهڙ ۾ بار ايسوسيئيشن پاران سيوهڻ سانحي خلاف بار جي صدر قربان آڳرو، عبدالخالق ٻگهيو،  غلام مصطفيٰ چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سول ڪورٽ  کان ايوان صحافت تائين هڪ ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ميهڙ ۾ جماعت اهلسنت پاران سيد محمد شاهه ، حافظ احمد ذهين مگسي ، ٻين جي اڳواڻي ۾  جامع مسجد کان  ايوان صحافت ميهڙ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

جوهي ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي جسقم، ايس ٽي پي، پ پ، پي ٽي آءِ  پاران سيوهڻ سانحي خلاف شوڪت باهوٽو، يونس سولنگي، نقاد ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

تعلقه بار ايسوسييشن جي سڏ تي جوهي ۾  علي بخش لُنڊ، ابوبڪر صديق رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.

ريلين ۽ مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ملڪ جا شهر ، عبادتگاهون ۽ درگاهون سلامت ناهن.

 هنن گهر ڪئي ته ملڪ ۾ فوري طور تي دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن  فرق جي ڪارووائي ڪئي وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*