ميرپور خاص ۾ نوجوان جو ٻير جي وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو آهي

mirpur khas nojawan

ميرپور خاص ۾ نوجوان جو ٻير جي وڻ  ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان آپگهات ڪئي آهي، پوليس موجب نوجوان جي موبائل فون قبصي ۾ ورتي آهي، ڊيٽا حاصل ڪري سندس موت جو اصل ڪارڻ   معلوم  ڪيو ويندو.

مهراڻ ٿاڻي جي حد مالهي ڪالوني ۾ 24 سالا نوجوان راجو ڪولهي جو ٻير جي وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو.

مهراڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي وڻ مان لاهي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال  آندو.

 ان موقعي تي فوتي نوجوان جي والد ريشيو ڪولهي پوليس کي ٻڌايو ته سندس پٽ آپگهات ڪئي آهي.

 مهراڻ پوليس جو چوڻ آهي  ته نوجوان جي ڪن ۾ هينڊ فري لڳل هئي جنهن مان لڳي ٿو ته نوجوان  ڪنهن سان موبائل فون  تي ڳالهائڻ بعد آپگهات ڪيو آهي.

پوليس موجب نوجوان جي موبائل فون قبصي ۾ ورتي آهي، ڊيٽا حاصل ڪري نوجوان جي موت جو اصل ڪارڻ   معلوم  ڪرڻ جو ڪوشش ڪئي ويندي.

پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد پوليس لاش وارثن حوالي ڪيو جڏهن ته واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*