چونڊڪو ۾ شيخ برادري جي عورتن بااثر وڏيري جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

naro

چونڊڪو ۾ شيخ برادري جي عورتن بااثر وڏيري جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ڳوٺ عرس ڀنڀرو جي رهواسي شيخ برادري جي عورتن کنڊ ٻائي، مسمات عزيزان، مسمات ممتاز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ عورتن جو چوڻ هو ته بااثر وڏيرو صدورو راڄڙ، علي خان راڄڙ ۽ شريف ڀنڀرو مردن جي غير موجودگي ۾  سندن گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو.

هنن چيو ته سوراهه ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي، پر پوليس بااثر وڏيري خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيري خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*