نوابشاهه ۾ ڳوٺاڻن پاران ڄام صاحب پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

nawabshah mirza goth

نوابشاهه ۾ ڳوٺاڻن پاران ڄام صاحب  پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مرزا ڳوٺ جي رهواسين ڊاڪٽر عطا الله بروهي، نبي داد بروهي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڄام صاحب پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

ڳوٺاڻن چيو ته ڄام صاحب پوليس ٽي ڏينهن اڳ مرزا ڳوٺ ۾  گهرن تي چڙهائي ڪري جان محمد عرف بابو، آصف، عطا محمد ۽ رجب کي گرفتار ڪري کيس ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو.

هنن مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪيل بي گناهه ڳوٺاڻن کي آزاد ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.

ٻئي طرف ڄام صاحب پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل منشيات وڪرو ڪندا آهن، مٿن اڳ ۾ ئي ڪيس داخل هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*