قانون بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس جاويد عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو

cabnet

قانون بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس جاويد عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ علائقائي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ بابت آئين ۾ ترميم جي حوالي سان ٻن بلن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر جاويد عباسي چيو ته مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ بابت اڃاتائين ڪم نه ٿيو آهي.

جاويد عباسي چيو ته انگريزي بدران سرڪاري سطع تي اردو ٻولي جي استعمال تي به ڪم مڪمل ٿي نه سگهيو آهي.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر سسئي پليجو چيو ته علائقائي ٻوليون هزارين سال پراڻيون آهن، هو انهن کي تسليم ڪن ٿا.

 سسئي پليجو چيو ته سنڌي قديم ٻولي آهي ان کي قومي ٻولي جو درجو ملڻ گهرجي.

سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو ته علائقائي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت  آهي

هن چيو ته سڀني پارلياماني اڳواڻن کي وقت جي ضرورت موجب ٻولين بابت آئيني ترميمي بل پارليامينٽ کان منظور ڪرائڻ گهرجن.

عاجز ڌامراهه چيو ته علائقائي ٻولين کي ترقي ڏيڻ سان وفاق ۽ ملڪ مضبوط ٿيندو.

سينيٽر ڪريم خواجا چيو ته ٻولي جي معاملي تي ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪو آهي.

سينيٽر سردار اعظم موسيٰ خيل چيو ته عجيب ڳالهه آهي ته جي ايڇ ڪيو وارا سفارتڪارن کي گهرائي چئي رهيا آهن ته اوهان جي ملڪ  مان دهشتگردي ٿي رهي آهي

اجلاس ۾ سعيد غني ۽ ٻين سينيٽرن سميت سول سوسائٽي، اديبن ۽ دانشورن به شرڪت ڪئي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*