سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جي وي ايل ڪمپي جي سربراهه اقبال احمد زيڊ کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

Sindh-High-Court-181016

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جي وي ايل ڪمپي جي سربراهه اقبال احمد زيڊ کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي،اقبال احمد زيڊ ڪاروبار جي سلسلي ۾ پرڏيهه وڃڻ لاءِ درخواست ڏني هئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جي جي وي ايل ڪمپني جي سربراهه اقبال احمد زيڊ جي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

جي جي وي ايل ڪمپني جي سربراهه درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪاروبار جي سلسلي ۾ پرڏيهه وڃڻو آهي، ان کان اڳ به هو عدالت جي اجازت سان پرڏيهه وڃي چڪو آهي ۽ هاڻي به عدالت کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي.

عدالت اقبال احمد زيڊ جي درخواست منظور ڪندي کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*