ڪراچي جي احتساب عدالت 17 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي آءِ جي دين محمد بلوچ ۽ ٻين تي في فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

court-31-07

ڪراچي جي احتساب عدالت 17 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي آءِ جي دين محمد بلوچ ۽ ٻين تي في فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جوابدارن پاران ڏوهه باسڻ کان انڪار تي عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي.

اڳوڻي ڊي آءِ جي دين محمد بلوچ ۽ ٻين خلاف 17 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت ۾ ٿي، جنهن دوران نامزد جوابدار پيش ٿيا.

نيب موقف اختيار ڪيو ته جوابدار دين محمد بلوچ پوليس ۾ اي ايس آءِ هو، کيس 2003ع ۾ ويهين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي، جنهن بعد 17 ڪروڙ 84 لک 93 هزار رپين جي ڪرپشن ڪئي.

نيب موجب جوابدار دين محمد بلوچ پنهنجي پٽ، ڌيءَ ۽ ٻين جوابدارن جي نالي تي غير قانوني طور تي ملڪيتون به ٺاهيون.

عدالت اڳوڻي ڊي آءِ جي دين محمد بلوچ ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪيو، جنهن تي جوابدارن پاران  ڏوهه مڃڻ کان انڪار تي عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ريفرنس جي گواهن کي طلب ڪري ورتو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*