ڪراچي جي احتساب عدالت چائنه ڪٽنگ ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

ATC-Karachi-171016

ڪراچي جي احتساب عدالت چائنه ڪٽنگ ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي.

احتساب عدالت ۾ ڪي ڊي اي جي زمينن جي چائنه ڪٽنگ ۽ غير قانوني الاٽمينٽ وار ي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪي ڊي اي جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر شاڪر عرف لنگڙا ۽ ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت مفرور جوابدارن کي پيش نه ڪرڻ تان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جوابدارن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 3 مارچ تائين ملتوي ڪرڻ ڪري ڇڏي.

ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن خلاف فردم جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*