صحت کاتي سيوهڻ سانحي ۾ 90 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي
صحت کاتي سيوهڻ سانحي ۾ 90 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، ڊي جي هليٿ ڊاڪٽر حسن مراد چيو آهي ته سيوهڻ ۾ ٻن فوتين جا وارث بنا اطلاع جي لاش کڻائي ويا هئا، جن جا نالا ٻيهر اچي لکرايا ويا آهن.
ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر حسن مراد چيو آهي ته سيوهڻ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 90 ٿي ويو آهي.
ڊي جي هيلٿ موجب سيوهڻ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ٻن ڄڻن جا وارث لاش بنا اطلاع ڏيڻ جي کڻائي ويا هئا، جن جا نالا ٻيهر شهيدن جي لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ شهيدن جو انگ وڌي 90 ٿي ويو آهي.
ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر حسن مراد موجب سيوهڻ سانحي ۾ ڪل 351 ماڻهو زخمي ٿيا هئا، جن مان 54 ڄڻا اڃا تائين مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن……