ڪراچي جي احتساب عدالت ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار مڪاني کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي

ATC-16-4-16

ڪراچي جي احتساب عدالت ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار مڪاني کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر پاران چالان پيش نه ڪرڻ تي سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

احتساب عدالت ۾ مڪاني کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ خلاف اختيارن جو ناجائز استعمال، غير قانوني ڀرتيون ڪرڻ ۽ غير قانوني اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ڪيس جو چالان پيش نه ڪري سگهيو، جنهن ڪري عدالت سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 4 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مڪاني کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ کي ڪجهه مهينا اڳ اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو هو، جيڪو جڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*