سيوهڻ ڌماڪي کانپوءِ سنڌ ۾ رهندڙ پرڏيهين خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن

Gotki-Police-20217

سيوهڻ ڌماڪي کانپوءِ سنڌ ۾ رهندڙ پرڏيهين خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن، گهوٽڪي ۽ کپري ۾ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروايون ڪري غير قانوني طور رهندڙ 24 افغانين کي گرفتار ڪري فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آهي.

گهوٽڪي جي بلوچ آباد ڳوٺ ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪئي، جتان 22 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب گرفتار ڪيل سمورا پرڏيهي غير قانوني طور تي ترسيل هئا، جن مٿان فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

کپري ۾ به پوليس سانگهڙ روڊ تي ڪارروائي ڪئي، جتان ٻن افغانين کي گرفتار ڪيو ويو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*