پ پ اڳواڻ مولابخش چانڊيو چيو آهي ته اسان کي گار گند ڪري وفاقي حڪومت توڙي وفاقي گهرو وزارت پنهنجي نااهلي نٿي لڪائي سگهي

mola bux hyd

پ پ اڳواڻ مولابخش چانڊيو چيو آهي ته اسان کي گار گند ڪري وفاقي حڪومت توڙي وفاقي گهرو وزارت پنهنجي نااهلي نٿي لڪائي سگهي.

سول اسپتال حيدر آباد ۾ سيوهڻ سانحي ۽ حيدرآباد ڪريڪر حملي جي زخمين جي عيادت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو چيو ته چئني صوبن ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون جاري آهن، جيڪا وفاقي حڪومت جي ناڪامي آهي.

هن چيو ته هي معاملو مڪاني يا صوبائي حڪومت جو نه پر وفاقي گهرو وزارت جو آهي ، جنهن پاران صوبائي معاملو چوڻ پنهجي مٿان بار لاهڻ آهي، جيڪا ان جي نااهلي کانسواءِ ڪجهه به  آهي.

مولابخش چانڊيو چيو ته پاڪستان جي مضبوطي، امن ۽ خوشحالي ڪيترن ئي ملڪن کي پسند نه آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته حيدرآباد به انهن شهرن ۾ شامل آهي، جن لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*