اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾ امن امان بابت اجلاس ٿيو

Asif-Zardari-Meeting-CM-20217

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سيوهڻ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل سپاهي جي وارثن لاءِ معاوضي جي رقم هڪ ڪروڙ رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي  شهرن ۾ موجود سهولتڪارن ۽ انهن جي  داخل ٿيڻ واري سرحد بابت ڄاڻ آهي، اڳواٽ قدم کڻي دهشتگردن جو جيئڻ جنجال ڪري سگهون ٿا، ڪجهه طاقتون پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿيون پر اهڙي اجازت نه ڏينداسين، وڏو وزير پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ وفاق سان ڳالهائي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير سڪندر منڌرو،منظور وساڻ، ناصر شاهه، آءِ جي سنڌ، گهرو سيڪريٽري، ڪراچي پوليس چيف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا سيوهڻ ڌماڪي جي جاچ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.

وڏي وزير چيو ته پوليس جي صلاحيت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، پوليس بهتر ڪم ڪري رهي آهي پر اڃا به وڌيڪ بهتري جي ضررت آهي.

وڏي وزير چيو ته دهشتگرد اسان جي ملڪ، قوم ۽ ٻچن جا دشمن آهن، جن کي عوامي طاقت سان چٿيو ويندو.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه بريفنگ ڏيندي چيو ته سيوهڻ سانحي ۾ 90 ماڻهو شهيد ۽ 153 زخمي ٿيا، پوليس بهتر انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي.

آصف زرداري چيو ته  شهرن ۾ موجود دهشتگردن جي سهولتڪارن ۽ انهن جي  داخل ٿيڻ واري سرحد بابت ڄاڻ آهي، اڳواٽ قدم کڻڻ سان دهشتگردن جو جيئڻ جنجال ڪري سگهون ٿا.

اڳوڻي صدر چيو ته  ڪجهه طاقتون پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿيون پر اهڙي اجازت نه ڏينداسين، وڏو وزير پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ وفاق سان ڳالهائي.

آصف علي زرداري ڌماڪي ۾ شهيد سپاهي جي وارثن لاءِ معاوضي جي رقم هڪ ڪروڙ رپيا ڪرڻ ۽ شهيدن جي وارثن کي نوڪريون، گهر ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*