پاڪستان سپر ليگ جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو

PSL-201016

پاڪستان سپر ليگ جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، دبئي ۾ پي ايس ايل انتظاميه ۽ فرنچائز مالڪن ۾ ٿيل گڏجاڻي دوران پي ايس ايل جو فائل 5 مارچ تي لاهور ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب ڪيترائي پرڏيهي رانديگر پاڪستان سپر ليگ جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ تي راضي آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نجم سيٺي پاران پرڏيهي رانديگرن کي مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد رانديگر لاهور ۾ پي ايس ايل فائنل ڪرائڻ تي راضي ٿيا آهن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*