سنڌ بار ڪائونسل وفاقي گهرو وزير چوڌري نٿار کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

chodhary nisar

سنڌ بار ڪائونسل وفاقي گهرو وزير چوڌري نٿار کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، اڳواڻن چيو آهي ته سيوهڻ سانحي باوجود وفاقي گهرو وزير سنڌ نه آيو هو پاڻ کي گهرو وزير سمجهي ئي نه ٿو، سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ معاملي پاڻمرادو نوٽيس وٺن.

سنڌ بار ڪائونسل جي چيئرمين قربان علي ملاڻو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سيوهڻ ۾ ايڏي وڏي سانحي باوجود وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سنڌ نه آيو، جنهن مان لڳي ٿو ته هو پاڻ کي گهرو وزير سمجهي ئي نه ٿو.

سنڌ بار ڪائونسل جي اڳواڻن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي ان جي روح مطابق عمل ڪيو وڃي

سنڌ بار ڪائونسل وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي هٽائڻ،  سيوهڻ سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن کي هڪ – هڪ  ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*