سيوهڻ سانحي خلاف ايم ڪيو ايم ۽ فنڪشنل ليگ پاران سنڌ اسيمبلي ۾ ڌار ڌار مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايا ويا آهن

sindh assembly

 سيوهڻ سانحي خلاف ايم ڪيو ايم ۽ فنڪشنل ليگ پاران سنڌ اسيمبلي ۾ ڌار ڌار مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايا ويا آهن، فنڪشنل ليگ جي ٺهراءُ  ۾ چيو ويو آهي ته دنيا جو ڪو به مذهب انسان جي جان وٺڻ جي اجازت نٿو ڏئي، سيوهڻ ۾ دهشتگردي واري واقعي سان صوبي اندر هم آهنگي ۽ امن امان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

   فنڪشنل ليگ پاران پارلياماني اڳواڻ نند ڪمار گوڪلاڻي سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو.

فنڪشنل ليگ پاران جمع ڪرايل  ٺهراءُ  جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دنيا جو ڪو به مذهب انسان جي جان وٺڻ جي اجازت نٿو ڏئي، سيوهڻ ۾ دهشتگردي واري واقعي سان صوبي اندر هم آهنگي ۽ امن امان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

ٺهراءُ ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون  قومي ايڪشن پلان تي مڪمل طور عمل ڪن.

   ايم ڪيو ايم پاران عامر معين پيرزاده ۽ ٻين ميمبرن مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*