ڪنڊيارو ۾ ٽول پلازه جي عملي پاران مقامي ماڻهن ۽ ٽرانسپورٽرن کان زبردستي ٽول ٽيڪس وٺڻ خلاف سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

kandiyaro toll plaza

ڪنڊيارو ۾ ٽول پلازه جي عملي پاران مقامي ماڻهن ۽ ٽرانسپورٽرن کان زبردستي ٽول ٽيڪس وٺڻ خلاف سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

آل پارٽيز الائنس، شهري اتحاد ۽ ٽراسنسپورٽ اتحاد جي سڏ تي  مير خان سهتو، نعيم ڏهراج، رمضان خاصخيلي، ظفر کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 15 ڏينهن به  نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته قومي شاهراهه تي قائم ٿيل ٽول پلازه جو عملو مقامي ماڻهن کان زبردستي ٽول ٽيڪس جي اوڳاڙي ڪري رهيو آهي.

هنن چيو ته  سنڌ جي  ٻين  ضلعن  ۾  هڪ ٽول پلازه آهي جڏهن ته نوشهري فيروز  ۾ 35 ڪلومِيٽرن جي مفاصلي تي اضافي  ٽول پلازا قائم ڪيو ويو آهي جيڪو غير قانوني  عمل آهي.

سندن چوڻ هوته  ٽول ٽيڪس عملي جي زيادتين خلاف لاڳيتو احتجاج ڪرڻ باو وجود  انتظاميه ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار  نه آهي.

احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن  غيرقانوني ٽول ٽيڪس جي او ڳاڙي ختم نه  ڪرائي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*