ڏهرڪي ويجهو ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مال گاڏيءَ جا 4 گاڏا پٽڙيءَ تان لهي وڃڻ سبب ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي آهي

dharki train

ڏهرڪي ويجهو ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مال گاڏيءَ جا 4 گاڏا پٽڙيءَ تان لهي وڃڻ سبب ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي آهي، حادثي سبب ڪيترين ئي ٽرينن کي مختلف ريلوي اسٽيشنز تي بيهاريو ويو آهي.

ڏهرڪي ويجهو سانڪو ڦاٽڪ وٽ ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مال گاڏي جا 4 گاڏا پٽڙيءَ تان لهي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي.

حادثي سبب ٽريڪ بند ٿيڻ جي ڪري ڪراچي کان لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسپريس کي ميرپور ماٿيلو وٽ بيهاريو ويو، جڏهن ته ڪراچي کان پنجاب ويندڙ هزارا ايڪسپريس منجهند هڪ وڳي کان ريتي ريلوي اسٽيشن تي بيٺل آهي.

پنجاب ۽ ٻين صوبن کان ڪراچي ويندڙ ڪجهه ٽرينن کي صادق آباد، رحيم يار خان ۽ خانپور ڪٽورا ريلوي اسٽيشنز تي بيهاريو ويو آهي.

اطلاع تي روهڙي مان ٽيڪنيڪل عملي حادثي واري هنڌ پهچي مرمتي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ٽرينن کي بيهارڻ سبب هزارين مسافر رلي ويا آهن، مسافرن جو چوڻ آهي ته ريلوي انتظاميا پاران ريلوي ٽريڪ کولڻ بابت کين ڪجهه به نه پيو ٻڌايو وڃي، جنهن ڪري هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*