باڊهه ۾ سماجي تنظيم پاران ٽن ڏينهن واري طبي ڪيمپ لڳائي 200 کان وڌيڪ ماڻهن جي اکين جو آپريشن ڪري مفت لينس لڳايا ويا

badah eye

باڊهه ۾ سماجي تنظيم پاران ٽن ڏينهن واري طبي ڪيمپ لڳائي 200 کان وڌيڪ ماڻهن جي اکين جو آپريشن ڪري مفت لينس لڳايا ويا.

پي سي بي گورنمينٽ آف سنڌ جي سهڪار سان هيلٿ سينٽر ۾ ٽن ڏينهن واري اکين جي مفت ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ماهر ڊاڪٽرن هڪ هزار کان وڌيڪ مريضن جو چيڪ اپ ڪيو.

طبي ڪيمپ ۾ 200 کان وڌيڪ مريضن جا آپريشن ڪري مفت لينس لڳايا ويا ۽ مفت چشما توڙي دوائون ڏنيون ويون.

ان موقعي تي سماجي اڳواڻ محمد علي بروهي ۽ ٻين چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ طبي سهولتن جي اڻاٺ ۽ خانگي اسپتالن ۾ ڳرين فين سبب غريب ۽ بي پهچ ماڻهو علاج نٿا ڪرائي سگهن، جنهن ڪري سرنديءَ وارن توڙي سماجي خدمت تي يقين رکندڙ ادارن کي اهڙي قسم جون طبي ڪيمپون لڳائڻ گهرجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*