قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو آهي

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته فوجي عدالتن واري معاملي تي سڀني کي گڏ ويهي فيصلو ڪرڻو پوندو ۽ حڪومت کي ان حوالي سان جلد اجلاس گهرائڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته دهشتگردي خلاف حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ گڏيل اجلاس گهرائڻ گهرجي،هنن تنقيد برداشت ڪري سبق  سکيو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته جهوريت کان ان ڳالهه جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، جيڪو انهيءَ جي روح خلاف آهي.

هن چيو ته پنجاب حڪومت صوبي ۾ رينجرز گهرائڻ ۽ اختيار ڏيڻ واري واعدي تان پوئتي هٽي رهي آهي.

خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته جنرل راحيل به نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ٿيڻ بابت 6 ڀيرا چيو هو، حڪومت کي فوري طور گڏيل اجلاس گهرائڻ گهرجي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*