ڪراچي يونيورسٽي ۾ سيمينار دوران مقررن،مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ ۽ ابتدائي تعليم مادري ٻولين ۾ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي

Karachi University

ڪراچي يونيورسٽي ۾ سيمينار دوران مقررن،مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ ۽ ابتدائي تعليم مادري ٻولين ۾ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه لطيف چيئرپاران مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن تي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن کي مختلف اديبن، محققن ۽ تاريخدانن خطاب ڪيو.

صدارتي خطاب ڪندي فنڪشنل ليگ ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته خانگي اسڪول تعليمي ادارا نه پر صنعتون بڻجي ويا آهن جيڪي مادري ٻولين ۾ تعليم نٿا ڏين.

هن چيو ته ابتدائي تعليم مادري ٻولي ۾ ڏيڻ سان ٻار درست تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا.

ناليواري ليکڪ الطاف شيخ چيو ته جاپان ۾ هڪ يونيورسٽي سنڌي ۾ تعليم ڏئي ٿي پر هتي تعليمي ادارا سنڌي پڙهائڻ کان لنوائن ٿا.

ناليواري تاريخدان گل حسن ڪلمتي چيو ته هن خطي ۾ سنڌي 5کان 6 هزار سالن کان ڳالهائي پئي وڃي ۽ سنڌي ٻولي ٻين ٻولين جا اثر قبول ڪيا آهن.

هن چيو ته انگريزن سنڌي کي جديد رسم الخط  ڏنو، جيڪو سنڌ واسين تي انهن جو احسان آهي.

سيمينار کي لياري يونيورسٽي جي وي سي اختربلوچ، لطيف چيئر جي چيئرمين سليم ميمڻ، ڊاڪٽر رحمان گل پالاري ۽ ڊاڪٽر شير مهراڻي خطاب ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*