تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اڄ ثابت ٿي ويو ايف بي آر جو چيئرمين به ڪرپٽ آهي

imran khan

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اڄ ثابت ٿي ويو ايف بي آر جو چيئرمين به ڪرپٽ آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسحاق ڊار جنهن لاءِ ڪرپشن ڪئي اڄ اهو وزيراعظم آهي، وزيراعظم جي ڪرپشن ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

عمران خان چيو ته گذريل 8 سالن دوران 14 هزار ارب  رپين جا قرض ورتا ويا آهن، لڳي ٿو ته ڪو طوفان اچڻ وارو آهي.

هن چيو ته هاڻي قوم ڪرپشن ڪندڙن کي لڪڻ جي جاءِ نه ڏيندي،ڪي پي پوليس جي ڪارڪردگي تي کيس فخر آهي.

عمران خان  چيو ته نواز شريف هميشه پنهنجا امپائر بيهاريندو آهي، موٽو گينگ وٽ هاڻي ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي.

هن چيو ته ادارن تي قبضا ڪيا ويا آهن، سپريم ڪوٽ کانسواءِ ٻيو ڪير ٻڌندو، اربين رپين جي چوري ۾ ملوث ماڻهن کي بچايو پيو وڃي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته پي ايس ايل جون سڀئي ميچون پاڪستان ۾ ٿيڻ گهرجن ها…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*