پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمرالزمان ڪارئره چيو آهي ته

qamar-all-zama08-9

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمرالزمان ڪارئره چيو آهي ته، دهشتگرد حڪومت جي صفن ۾ موجود آهن ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪو ٻيو نه پر سندن ئي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ڪري رهيا آهن.

بهاول نگر ۾ پارٽي ڪارڪنن ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي قمرالزمان ڪائره چيو ته، دهشتگرد حڪمرانن جي صفن ۾ ويٺل آهن.

هن چيو ته حڪمرانن جي صفن ۾ دهشتگرد هجڻ واري ڳالهه ڪو ٻيو نه پر نواز ليگ جا ايم پي ايز ۽ ايم اين ئي چئي رهيا آهن، جنهن جو ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي.

قمر الزمان ڪائره جو چوڻ هو ته، پنجاب حڪومت پوليس کي مڪمل طور تي سياسي ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پوليس نواز ليگ وارن جي ڪمداري ۾ پوري آهي.

قمرالزمان ڪائره چيو ته اسان دهشتگردن خلاف ويڙهه واري معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏنو پر ان جو انهن غلط فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جو کين حساب ڏيڻو پوندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*