ٺل ڀرسان 2 ڏينهن اڳ پٿر دل جوابدارن پاران پيرسن بيواه عورت جا ڪن چيري سونيون واليون ڦر ڪرڻ واري واقعي جو ايس ايس پي جيڪب آباد نوٽيس وٺندي

thul agwa pro

ٺل ڀرسان 2 ڏينهن اڳ پٿر دل جوابدارن پاران پيرسن بيواه عورت جا ڪن چيري سونيون واليون ڦر ڪرڻ واري واقعي جو ايس ايس پي جيڪب آباد نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او بي سيڪشن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

ڳوٺ دورو کوسو ۾ 2 ڏينهن اڳ پٿر دل جوابدارن پاران 70 ساله بيواه عورت حرمت خاتون جا ڪن چيري سونيون واليون ڦر ڪرڻ واري واقعي جو ايس ايس پي جيڪب آباد نوٽيس ورتو.

ايس ايس پي جيڪب آباد ساجد کوکر ايس ايڇ او بي سيڪشن کي معطل ڪندي پيرسن عورت کان ڦر ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ايس ايس پي جي حڪم باوجود ٺل پوليس اڃا تائين نه ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ نه ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

پيرسن عورت حرمت خاتون مطالبو ڪيو آهي ته ڦر ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*