ٺاروشاهه ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

tharushah road hadsa

ٺاروشاهه ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

مڃٺ لنڪ روڊ تي سونهري اسٽاپ وٽ ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت مسمات ڀاڳل، محمد حسن سولنگي، حسنين سولنگي ۽ عبدالرشيد اڄڻ سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين کي ٺاروشاهه رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتان کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*