نوشهرو فيروز ۾بئسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولن جي استادن ريگيولر نه ڪرڻ ۽ ستن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

nfroze teacher pro

نوشهرو فيروز ۾بئسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولن جي استادن ريگيولر نه ڪرڻ ۽ ستن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

استادن احمد علي سولنگي، خميسو خان جتوئي، ابوبڪر راڄپر، ذوالفقار جمالي، رجب ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته 1680 استاد 20 سالن کان تعليم کاتي ۾ صرف پنج هزار رپيا پگهار تي شاگردن کي تعليم ڏئي رهيا آهن پر کين پڪو نه پيو ڪيو وڃي.

هنن چيو ته ستن مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري استاد ۽ سندن خاندان فاقه ڪشي جو شڪار آهن.

 هنن مطالبو ڪيو ته کين ريگيولر ڪري ستن مهينن جون رهيل پگهارون ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*