ملير ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا، ايس ايس پي رائو انوار موجب دهشتگرد حملن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا
ملير ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا، ايس ايس پي رائو انوار موجب دهشتگرد حملن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا، مقابلي ۾تحريڪ طالبان ٽانڪ جو امير گل زمان به مارجي ويو آهي.
ملير پوليس موجب دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران ٻڪرا پڙي وٽ مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا.
ايس ايس پي ملير رائو انوار جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ جماعت الاحرار سان هو، جيڪي حملن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا.
رائو انوار موجب مقابلي ۾ ٽي ٽي پي ٽانڪ جو امير گل زمان ۽ هڪ نينگر آپگهاتي بمبار لالو به مارجي ويا آهن…….