چارسده جي تنگي عدالت تي حملي دوران مارجي ويل ٻن دهشتگردن جي سڃاڻپ افغاني شهري طور هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي
چارسده جي تنگي عدالت تي حملي دوران مارجي ويل ٻن دهشتگردن جي سڃاڻپ افغاني شهري طور هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، مختلف علائقن ۾ ڪارروائي دوران پوليس دهشتگردن جي ٽن سهولتڪارن سميت 150 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
گذريل ڏينهن چارسده جي تنگي عدالت تي حملي دوران فورسز جي ڪارروائي ۾ مارجي ويل ٻن دهشتگردن جي سڃاڻپ افغاني شهري طور ڪئي وئي آهي.
تنگي عدالت تي دهشتگردن جي حملي بعد پوليس مختلف علائقن ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪري دهشتگردن جي ٽن سهولتڪارن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب گرفتار ٿيل افغاني شهري آهن، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
هنگو جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروائي ڪري 25 اشتهاري جوابدارن سميت 100 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
پشاور جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروائي جي نتيجي ۾ 25 کان وڌيڪ ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي.
مردان جي مختلف علائقن ۾ به پوليس ڪارروائي ڪري 30 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي……………………….