پاناما پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پاناما انڪشاف عمران خان نه پر عالمي اداري ڪيو آهي

fawad chodry

پاناما پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پاناما انڪشاف عمران خان نه پر عالمي اداري ڪيو آهي، عوام جي ٽيڪس تي فعال ادارن کي وزيراعظم نواز شريف غير فعال ڪيو آهي، چيو پيو وڃي ته سپريم  ڪورٽ ڪيس جو فيصلو نٿي ڪري سگهي.

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته عوام جي ٽيڪس تي فعال ادارن کي وزيراعظم نواز شريف غير فعال ڪيو آهي.

هن چيو ته اٽارني جنرل چوي ٿو ته وزير اعظم خلاف ڪجهه نه ڪيو، اٽارني جنرل جا دليل وزير اعظم جي وڪيل جهڙا ئي آهن.

عارف علوي چيو ته نيب چيئرمين نواز شريف سان وفاداري نڀائي رهيو آهي، سمورن ادارن کي هڪ هڪ ڪري تباهه ڪيو پيو وڃي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*