ڪراچي جي علائقي سائيٽ ايريا ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن دوران نينگري فوت ۽ عورت سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Edhi-Accident-151016

ڪراچي جي علائقي  سائيٽ ايريا ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن  دوران  نينگري فوت ۽ عورت سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو موجب ميٽروول سائيٽ واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي  جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نينگري دٻجي فوت ٿي وئي ۽ عورت سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو موجب فوت  ٿي ويل نينگري جو لاش ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پوليس موجب گهر جو مٿيون ڪمرو ڪرڻ سبب هيٺئين ڇت ڪري پئي ۽ هڪ ماڙ گهر نالي تي تعمير ڪيو ويو هو، جنهن سبب حادثو پيش آيو ………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*