نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته تحريڪ انصاف وٽ پاناما ڪيس بابت ڪي به ثبوت ناهن

dsaniyal aziz

نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته تحريڪ انصاف وٽ پاناما ڪيس بابت ڪي به ثبوت ناهن، عمران خان جا سمورا الزام بي بنياد آهن.

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي  دانيال عزيز چيو ته سموري جماعتن جي صلاح مشوري سان نيب چيئرمين مقرر ٿيو هو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته ادارا حڪومت جي اشاري تي هلي رهيا آهن، ڪرپشن جو پتو پوڻ تي ڪي پي ۾ قانون تبديل ڪيو آهي.

دانيال عزيز چيو ته عمران خان نيب ۽ ايف بي آر تي الزام هڻي رهيو آهي،کيس خبر هجڻ گهرجي ته سياست ۾ پوئين دروازي کان داخل ٿيڻ وارو سلسلو بند ٿي ويو آهي، عمران خان جي درخواست کي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار به بي بنياد قرار ڏنو آهي.

دانيال عزيز وڌيڪ چيو ته عمران خان پاران جمائمه کي ڏنل پيسن جو مني ٽريل ڪٿي آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*