لاڙڪاڻي ۾ ايس آر پي جي برطرف اهلڪارن پاران بحالي لاءِ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو آهي

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ۾ ايس آر پي جي برطرف اهلڪارن  پاران بحالي لاءِ  ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو   هنيو ويو  آهي ،برطرف اهلڪارن جي ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي.

جناح باغ گيٽ تي  ايس آر پي جي برطرف اهلڪارن پاران بحالي لاءِ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيوويو  ۽ ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون ، جنهن سبب جناح باغ چوڪ اڳيان روڊ تي گاڏين جي اچ وڃ معطل ٿي وئي آهي. احتجاج ۾ 4 ڏينهن اڳ لاڙ ڪاڻي ڀرسان آپگهات ڪندڙ ايس آر پي جي برطرف اهلڪار زبير ميراڻي جا وارث  به شامل هئا .

 خودڪشي ڪندڙ اهلڪا ر جي وارثن الزام هنيو ته زبيرنوڪري تان برطرفي سبب سخت پريشان هو جنهن سبب هن آپگهات ڪيوآهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*