ٺل ڀرسان ٻڍڙي حرمت خاتون کي زخمي ڪري ڪنن مان واليون ڦرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل هئڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن

thul

ٺل ڀرسان ٻڍڙي حرمت خاتون کي زخمي ڪري ڪنن مان واليون ڦرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل هئڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن .

    سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ دورو کوسو ۾ 3 ڏينهن اڳ نامعلوم وحشي صفت ماڻهن پاران بيوهه عورت 70 سالا حرمت خاتون کي زخمي ڪري واليون ڦرڻ واري واقعي جو ڪيس سندس ڀاءَ محمد صديق کوسو جي فرياد تي 5 نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو پر پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگھي آهي  جنهن ڪري ٻڍڙي حرمت خاتون ۽ سندس خاندان سخت پريشان آهي……..

 هنن موجب پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي.

 هنن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ سميت ٻڌڙي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*