جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت جي ٻيڙي ٻڏڻ واري آهي، قطري شهزادن جا خط حڪمرانن کي بچائي نٿا سگهن

siraj ul haq

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت جي ٻيڙي ٻڏڻ واري آهي، قطري شهزادن جا خط حڪمرانن کي بچائي نٿا سگهن.

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته لڳي ٿو ته حڪومت نئون اين آر او  آڻڻ جي چڪر ۾ آهي.

سراج الحق چيو ته هو عدالت کان انصاف جي اميد رکن ٿا، کين انصاف ضرور ملندو.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ ئي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي نااهل قرار ڏنو هو.

سراج الحق وفاقي وزير انوشي رحمان پاران  صحافين سان ڪيل ناانصافي تي ڏک جو اظهار ڪندي، معاملو جلد حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*