اليڪشن ڪميشن هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي بابت ريفرنسز جو فيصلو ڪري نه سگهي آهي

Election-Karachi-28716

اليڪشن ڪميشن هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي بابت ريفرنسز جو فيصلو ڪري نه سگهي آهي، اليڪشن ڪميشن موجب هاڻي نااهلي ريفرنسز جو فيصلو 16 مارچ تي ٻڌايو ويندو.

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ قومي اسيڪلبلي جي اسپيڪر پاران عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي لاءِ موڪلي ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي.

اليڪشن ڪميشن چيو ته عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي بابت نون درخواستن تي 8 مارچ تي بحث ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن گذريل ٻڌڻي تي ريفرنسز جي حوالي سان فيصلو ٻڌائڻ بابت چيو هو پر فيصلو ٻڌائي نه سگهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر 5 سيپٽمبر 2016 تي ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليا هئا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*