سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ به رينجرز کي اختيار ملي ويا آهن، وفاقي گهرو وزارت پنجاب ۾ رينجرز کي 60 ڏينهن لاءِ اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

chodhary shujaat

سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ به رينجرز کي اختيار ملي ويا آهن، وفاقي گهرو وزارت پنجاب ۾ رينجرز کي 60 ڏينهن لاءِ اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته دهشتگردن خلاف ڪارروائين دوران رينجرز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد ڪندي.

گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته، پنجاب حڪومت جي درخواست تي رينجرز کي اينٽي ٽيرزم ايڪٽ تحت صوبي ۾ 60 ڏينهن لاءِ اختيار ڏنا ويا آهن.

وفاقي گهرو وزير چيو ته ملڪ مان دهشتگردن جي پاڙ پٽي ويندي، دهشتگردن کي ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ لڪڻ نه ڏنو ويندو.

هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم متحد آهي،  ملڪ ۾ دهشتگردن تازيون ڪارروايون ڪري پنهنجي آخري پساهن جون هڏڪيون ڏنيون……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*