تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نيب شريف ڪٽنب کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي

imran khan

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نيب شريف ڪٽنب کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، کيس اميد آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو سڀاڻي اچي ويندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نيب تي ڪنهن کي به اعتماد ناهي رهيو،ان جو جنازو نڪري چڪو آهي.

هن چيو ته موٽو گينگ کي خبر آهي، هنن وٽ هاڻي دليل ختم ٿي ويا آهن.

عمران خان چيو ته نيب پاران انصاف فراهم نه ڪرڻ سبب سپريم ڪورٽ مان انصاف جي اميد آهي.

هن چيو ته اٽارني جنرل نواز ڪٽنب جي وڪالت ڪري رهيو آهي، سپريم ڪورٽ بار بار چئي رهي آهي ته ادارا ڪم نٿا ڪن.

عمران خان چيو ته ڪير به نٿو چوي ته ڪي پي ۾ رينجرز جي ضرورت آهي، صوبي ۾ پوليس بهتر نموني ڪم ڪري رهي آهي……………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*