سکر جي آباد پوليس هٿان 2 مهينا اڳ گرفتاري بعد گم ڪيل هوٽل مالڪ عبدالوحيد سيٺار کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد پوليس هاءِ ڪورٽ روڊ تي اڇلائي وئي

Sukkur-2-12

سکر جي آباد پوليس هٿان 2 مهينا اڳ گرفتاري بعد گم ڪيل هوٽل مالڪ عبدالوحيد سيٺار کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد پوليس هاءِ ڪورٽ روڊ تي اڇلائي وئي .

نوجوان عبدالوحيد هاءِ ڪورٽ  آڏو پيش ٿي عدالت کي ٻڌايو ته کيس 2 مهينا اڳ ڀاءُ سعيد احمد سوڌو گرفتار ڪيو ويو.

 گرفتاري بعد مسلسل تشدد جو نشانو بڻايو ويو .

2مهينا اڳ منهنجي ڀاءُ سعيد احمد کي تشدد  بعد اهو چئي آزاد ڪيو ويو ته سيشن ڪورٽ ۾ پوليس خلاف داخل درخواست واپس وٺو نه ته عبدالوحيد کي آزاد نه ڪنداسين  ۽ ان جو لاش به نه ملندو.

 پوليس ٻن مهينن بعد هاءِ ڪورٽ اڳيان اڇلائي وئي، عدالت ۾ جيئن ئي پهتس ته وارث موجود هئا، جن ٻڌايو ته اڄ شنوائي آهي  .

.نوجوان عدالت آڏو تشدد جا نشان به ڏيکاريا .

هاءِ ڪورٽ پاران حڪم جاري ڪيو ويو ته نوجوان جو ميڊيڪل ڪرايو وڃي ۽ تشدد جي ايف آءِ آر فريادي جي مرضي موجب داخل ڪئ وڃي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*