پاڪ فوج پاران ملڪ ۾ دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ رَدُالفساد آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

Army-Pak-22217

پاڪ فوج پاران ملڪ ۾ دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ رَدُالفساد آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،آپريشن جو مقصد دهشتگردي خلاف بنا فرق جي  ڪارروائي ڪرڻ آهي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پريس بيان موجب پاڪ فوج پاران سموري ملڪ ۾ ردالفساد آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

بيان ۾ موجب آرمي چيف جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي خلاف هن وقت تائين جيڪي ڪاميابيون  حاصل ڪيون ويون آهي انهن کي مستحڪم ڪرڻ آهي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته، آپريشن جو مقصد ملڪ جي سرحدي سلامتي کي به يقيني بڻائڻ آهي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته  آپريشن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به شامل ڪيو ويندو،پنجاب ۾ دهشتگردي خلاف رينجرز جا آپريشن به هڪ آپريشن جو حصو هوندا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*