پيپلزپارٽي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ حڪومت پاران پيش ڪيل نئين مسودي کي رد ڪري ڇڏيو آهي

Naveed-Qamar-PPP-22217

پيپلزپارٽي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ حڪومت پاران پيش ڪيل نئين مسودي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پ پ اڳواڻ نويد قمر جو چوڻ آهي ته، فوجي عدالتن جي معاملي تي اسان جو ڌيان عسڪري دهشتگردي تي هجڻ گهرجي، ائين نه ٿئي ته سڀاڻي سياستدان به ان جي وڪڙ ۾ اچي وڃن.

پيپلز پارٽي پاران فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت پارلياماني ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو بائيڪاٽ ڪندي خميس ڏينهن رٿيل اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي.

پ پ اڳواڻ نويد قمرالزمان جو چوڻ آهي ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي حڪومت هڪ اتحادي جماعت کي خوش ڪرڻ لاءِ نئون مسودو آندو آهي، جنهن تي اسان کي سخت اعتراض آهن.

هن چيو ته پيپلز پارٽي پارليامينٽ جي ذيلي ڪميٽي جي خميس ڏينهن رٿيل اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

نويد قمر جو چوڻ هو ته، فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي اسان جو سڄو ڌيان عسڪري دهشتگردي تي هجڻ گهرجي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو سڀاڻي سياستدانن کي به ان جو نشانو بڻايو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*